محمد ابراهيم پنهور

محمد ابراهيم پنهور: محمد ابراهيم ولد محمد اسحاق پنهور، 6 جون 1934ع تي ڳوٺ ڌوتڙا پنهور تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۽ انٽر گورنمينٽ ڊي.جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي خانگي ڪاروبار سان لڳي ويو. هن وقت تاريخي شهر خداآباد ۾ رهائش پذير آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ خداآباد سان وابسته آهي. ٻارن کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ سال 1958ع ۾ خداآباد ۾ مفت تعليم ڏيارڻ لاءِ مڊل اسڪول جو قيام عمل ۾ آندائين، جنهن کي آخر ۾ گورنمينٽ حوالي ڪري هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريائين. خداآباد ۾ پنهنجي ذاتي جاءِ بنا مسواڙ گرلس پرائمري اسڪول جي حوالي ڪيائين. سگا خداآباد شاخ جي تعاون سان ڳوٺ ۾ (ماءُ، ٻار صحت مرڪز) جو قيام عمل ۾ آندائين. هن مفت تعليم جي اسڪيم لاءِ ڪيترا پلاٽ مفت ۾ ڏنا. ڳوٺ ۽ علائقي جي ترقي لاءِ ٽيليفون، بجلي، لنڪ روڊ، مسافر خانو، پوسٽ آفيس، ايگريڪلچر فارم قائم ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪيائين ۽ ان ۾ ساڻس دوستن جو ڀرپور ساٿ رهيو.


لفظ محمد ابراهيم پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو